Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر بعد ۾ آءٌ اوهان بني عمون وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پر خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي کان پوءِ آءٌ بني عمون جي قيدين کي موٽائي آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:6
8 Iomraidhean Croise  

پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.


آءٌ انهن کي سندن جاني دشمنن، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر وارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. پر بعد ۾ مصر ملڪ وري آباد ٿي ويندو جيئن اهو قديم زماني ۾ هوندو هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آس‌پاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.


هو بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ۾ بہ گھڙندو ۽ لکين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيندو. پر اوڀر طرف ڀر وارا ادوم ۽ موآب جا ماڻهو توڙي بني عمون جا مکيہ ماڻهو سندس هٿان بچي نڪرندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan