Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:32 - Muslim Sindhi Bible

32 انهن جا اٺ اسان لاءِ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ سندن وڏا وڏا ڌڻ اسان لاءِ مالِ‌غنيمت ٿيندا.‘“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”حصور وارا، جيڪي پنهنجيون لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا، تن کي آءٌ هوا وانگر ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. انهن تي آءٌ هر طرف کان مصيبت آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:32
8 Iomraidhean Croise  

ددان، تيما ۽ بُوز شهر ۾ توڙي ٻين هنڌن تي رهڻ وارا اهي ماڻهو جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا،


آءٌ عيلام ملڪ تي چئني طرفن کان جنگ جون هوائون گھلائيندس ۽ ان جي رهاڪن کي دنيا جي چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪرائي ڇڏيندس. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي قوم نہ هوندي، جنهن ۾ عيلام جا جلاوطن ٿيل ماڻهو نہ پهچندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اُهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن آءٌ هنن سڀني کي سزا ڏيندس، يعني مصر، يهوداہ، ادوم، عمون ۽ موآب وارن کي ۽ بيابان ۾ رهڻ وارن کي جيڪي لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا. اهي سڀ ماڻهو طهريل تہ آهن پر رڳو نالي جا، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. منهنجي عهد کي نڪي انهن قومن ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل قائم ڪيو آهي.“


هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan