يرمياہ 49:31 - Muslim Sindhi Bible31 ’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بيفڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible31 خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.
تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.