Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اي حصور وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ ڀڄو، جلدي ڀڄي وڃو! وڃي ڳجھين جاين ۾ لڪو. انهيءَ سبب جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اوهان جي خلاف هڪڙو منصوبو ٺاهي پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو آهي تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي حصور جا رهاڪو، اوهين ڀڄو، پري وڃي رلو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر اوهان جي بر خلاف صلاح مصلحت ڪئي آهي، ۽ اوهان جي برخلاف ارادو ڪيو اٿس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:30
4 Iomraidhean Croise  

پر اشور جو شهنشاهہ خداوند جي اها ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، انهيءَ جي ابتڙ هو پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍائيءَ جا منصوبا پيو جوڙي، تان‌تہ گھڻين ئي قومن کي ماري چٽ ڪري ڇڏي.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan