Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:23 - Muslim Sindhi Bible

23 دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:23
35 Iomraidhean Croise  

اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.


پر ابرام جواب ڏنو تہ ”اي خداوند خدا! تنهنجي انعام مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ڇو تہ آءٌ بي‌اولاد آهيان؟ منهنجو وارث تہ رڳو منهنجي گھر جو نوڪر اليعزر دمشقي آهي. جيئن تہ تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، سو اهو ئي منهنجي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“


تڏهن جيڪو بهادر ماڻهو هوندو ۽ سندس دل شينهن جي دل جهڙي هوندي، سو بہ بلڪل دل هاري ويهندو، ڇاڪاڻ تہ سڄي بني اسرائيل کي خبر آهي تہ اوهان جو پيءُ وڏو بهادر آهي ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن سي بہ بهادر ماڻهو آهن.


جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هددعزر جي سڄي فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي،


هن آس‌پاس جا ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا ۽ ان ٽولي جو سردار بڻيو. جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو تڏهن رزون پنهنجي ماڻهن سان دمشق ڏانهن هليو ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. پوءِ رزون کي ارام جو بادشاهہ بڻايو ويو.


پوءِ اشور جي شهنشاهہ بابل، ڪوتہ، عوا، حمات ۽ سفروائم شهرن مان ماڻهن کي جلاوطن ڪري سامريہ علائقي جي شهرن ۾ اسرائيل وارن جي جاءِ تي آباد ڪيو. سو هو انهن شهرن ۾ قبضو وٺي رهڻ لڳا.


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم، هينع ۽ عوا جا معبود ڪٿي آهن؟ ڇا انهن سامريہ کي منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟


ڀلا حمات، ارفاد، سفروائيم، هينع ۽ عوا شهرن جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟“


نہ تہ دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني ندين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ آءٌ انهن ۾ غسل ڪري پاڪ نہ ٿو ٿي سگھان ڇا؟“ سو هو ڪاوڙ ۾ اتان موٽيو.


تڏهن بادشاهہ آسا خداوند جي گھر مان ۽ پنهنجي محل جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بن‌هدد ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو دمشق شهر مان راڄ ڪندو هو.


ادوم جي اڳواڻن کي پڻ دهشت اچي ورتو، موآبي اڳواڻن کي بہ بيحد ڏڪڻيءَ اچي ورايو، ۽ ڪنعان جو هر ڪو رهاڪو همت هاري ويٺو.


مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


تنهنڪري هر ڪنهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا، ۽ همت پاڻيءَ جيان وهي ويندن.


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم جا معبود ڪٿي آهن؟ ڇا انهن سامريہ کي منهنجي هٿن مان ڇڏايو؟


ڀلا حمات، ارفاد، سفروائيم، هينع ۽ عوا شهرن جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟“


جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڇوليون هڻندڙ انهيءَ سمنڊ وانگر آهن، جيڪو هميشہ بي‌قرار ٿو رهي، ۽ جنهن جون ڇوليون گپ ۽ گندگي ٿيون اڇلائين.


ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“


پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.


آران جي شهر دمشق وارا بہ تنهنجي گھڻين ڪاريگريءَ جي شين، ۽ هر طرح جي مال جي گھڻائيءَ سبب تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي حلبون ڳوٺ جو شراب، اڇي پشم،


اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ ”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو، ۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو. پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو، ۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“


هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.


پوءِ هو اتان اتر طرف روانا ٿيا ۽ ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي صين جي بيابان کان وٺي ملڪ جي اتر طرف رحوب تائين جيڪو حمات لڪ جي ويجھو آهي، سڄي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيائون.


پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي حياتيءَ کان بلڪل نااميد ٿي وياسين.


۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادت‌خانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


دمشق شهر جي گورنر، جيڪو ارتاس بادشاهہ جي هٿ هيٺ هو، تنهن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشق جي دروازن تي پهرو بيهاري ڇڏيو هو.


عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بي‌همت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بي‌همت ٿي پون.‘


منهنجا هم‌قوم ڀائر جيڪي مون سان گڏ هليا هئا تن تہ ماڻهن جون دليون ئي ڏڪائي ڇڏيون هيون، پر مون خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي.


جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ اوهان جي سببان اسان مان هر ڪو همت هاري ويٺو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا ئي مٿي آسمان جو ۽ هيٺ زمين جو خدا آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan