Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:16
21 Iomraidhean Croise  

امصياہ لوڻ واري ماٿريءَ ۾ ڏهہ هزار ادومين کي مارائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ هن سلع شهر قبضي ڪري ورتو ۽ انهيءَ جو نالو يقتي‌ايل رکيائين جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو اچي.


ڇا عقاب تنهنجي حڪم سان بلنديءَ تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿاهينءَ جاءِ تي وڃي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو؟


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.


اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.


دنيا جون قومون مون لاءِ پکين جي آکيري مثل هيون، ۽ جيئن ڪو آسانيءَ سان انهيءَ ۾ پيل انڊا کڻي ٿو وٺي، تيئن مون سندن سڄي زمين ۽ پوري ملڪيت قبضي ڪئي آهي. انهن مان ڪنهن کي اها بہ جرئت نہ ٿي جو ڪو کنڀ چوري سگھي يا وات پٽي چُون بہ ڪري.“


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”يقيناً آءٌ زورآورن کان سندن قيدي، ۽ ظالمن کان سندن شڪار ڇڏائيندس، ڇاڪاڻ تہ اي يروشلم! جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس ۽ تنهنجي رهاڪن کي بچائيندس.


اي موآب وارؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين جوڌا جوان ۽ جنگي سورما آهيون‘؟


هاڻ هو اوهان کي هڪڙي ڪمزور قوم بڻائيندو، ۽ ڪوبہ اوهان جي عزت نہ ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،


توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي، ۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري، تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو. جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو، ۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو، تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.


۽ عيسوءَ ۽ سندس نسل سان نہ. سندن جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم ۽ سندن ملڪ جھنگلي گدڙن جي حوالي ڪري ڇڏيم.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan