Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هاڻ هو اوهان کي هڪڙي ڪمزور قوم بڻائيندو، ۽ ڪوبہ اوهان جي عزت نہ ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:15
8 Iomraidhean Croise  

جتي اڳ ۾ هو بي‌خوف رهندا هئا، اتي کين سخت دهشت وٺي ويندي. شڪست هنن کي خوار خراب ڪندي، ڇوجو خدا کين رد ڪيو آهي. هائو، سندس قوم جو گھيرو ڪندڙن جي هڏين کي خدا دز ڪري ڇڏيندو.


اي ادوم وارؤ! خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو آهي تہ هن اوهان جي دشمن قومن ڏانهن ايلچي موڪليو آهي تہ اهي جنگ لاءِ اُٿي کڙا ٿين ۽ گڏ ٿي اوهان تي حملو ڪن.


اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


هوڏانهن خداوند ادوم جي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”ياد رک، آءٌ تو کي تمام ڪمزور قوم بڻائي ڇڏيندس. هائو، تون هر ڪنهن جي اڳيان ڌڪاريل قوم ڄاتي ويندينءَ.


تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ”خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.


هن پنهنجي ٻانهُن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ غرور ٿا ڪن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan