يرمياہ 49:13 - Muslim Sindhi Bible13 آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آسپاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“ Faic an caibideilSindhi Bible13 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا. Faic an caibideil |
مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بيگناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“