يرمياہ 49:1 - Muslim Sindhi Bible1 بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟ ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟ پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟ Faic an caibideilSindhi Bible1 بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟ Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.