يرمياہ 48:8 - Muslim Sindhi Bible8 تباهي مچائيندڙ لشڪر هر شهر توڙي ڳوٺ تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪابہ وسندي بچي ڪين سگھندي. پوءِ ماٿري هجي توڙي ميدان سڀ ناس ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي. Faic an caibideilSindhi Bible8 ۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.