يرمياہ 48:7 - Muslim Sindhi Bible7 اي موآب وارؤ! جيئن تہ اوهين پنهنجن ڪوٽن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسو ٿا رکو، سو اوهين بہ قيدي بڻايا ويندا. اوهان جو معبود ڪموس پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible7 ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو. Faic an caibideil |
آءٌ مصر جي بتخانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو.
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.