يرمياہ 48:42 - Muslim Sindhi Bible42 موآب وارا قوم جي حيثيت ۾ وري نہ اُسرندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کان پاڻ کي مٿاهون ڪيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible42 ۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي. Faic an caibideil |
ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“