Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:39 - Muslim Sindhi Bible

39 آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِ‌ويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آس‌پاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

39 ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:39
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ موآب وارا پنهنجي معبود ڪموس جي ڪري اهڙا تہ خوار خراب ٿيندا، جيئن اسرائيل وارا بيت‌ايل واري معبود جي ڪري ٿيا هئا، جنهن تي هنن توڪل رکيو هو.


اوهين سڀ جيڪي ان جي آس‌پاس رهيا پيا آهيو، يعني اهي جن سندس هاڪ ٻڌي آهي، سي ان لاءِ روڄ راڙو ڪري چئو تہ ’آہ! اها مضبوط ۽ شاندار شاهي لٺ ڪيئن نہ ڀڄي پيئي آهي!‘


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.


آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan