Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:33 - Muslim Sindhi Bible

33 موآب جي زرخيز سرزمين مان خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون. آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس. ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 موآب جي ملڪ مان، ڀلي ٻنيءَ مان، خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ مون شراب جي چيچڙي مان شراب بند ڪرائي ڇڏيو آهي: ڪوبہ هڪلون ڪري نہ لتاڙيندو: انهن جون هڪلون، هڪلون نہ ٿينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:33
13 Iomraidhean Croise  

ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“


جڏهن اهو وقت ايندو تڏهن هر باغ ۾ جتي اڳ ۾ هڪ هزار انگورن جون وليون هيون ۽ جن جي قيمت هڪ هزار چانديءَ جا سڪا هئي، اتي انهن ولين جي بجاءِ رڳو ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا هوندا.


اي خداوند! تون پنهنجي قوم جي شادماني وڌائيندين، ۽ انهن جي خوشي زيادہ ڪندين. هو تنهنجي اڳيان اهڙي خوشي ڪندا، جهڙي فصل لهڻ مهل ڪبي آهي، يا جهڙي خوشي لٽ جي مال ورهائڻ مهل ٿيندي آهي.


اسان جو رزق اسان جي اکين اڳيان ناس ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري خوشي ۽ سرهائي اسان جي خدا جي گھر کان هلي ويئي آهي.


اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو. هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو، ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.


سڀني انگورن جي باغن ۾ واءِ‌ويلا پئجي ويندي. آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ اچي رهيو آهيان.“


ياد ڪريو، اُنهيءَ وقت اوهان جو ڇا حال هو؟ جڏهن اوهين اهو آسرو رکي اناج جي کوڙ تي ٿي ويا تہ اهو ٻہ سؤ ڪلوگرام هوندو، پر اهو هڪ سؤ ٿي نڪتو. هائو، جڏهن اوهين انگورن جي چيچڙي جي حوض تي اهو آسرو رکي ٿي ويا تہ انهيءَ مان اوهان کي هڪ سؤ ليٽر رس ملندي، پر اوهان رڳو چاليهہ ليٽر ٿي حاصل ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan