مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن.
اهو ماڻهو شل انهن شهرن وانگر ٿئي، جن تي ڪو رحم نہ ڪندي تو خداوند کين اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. شل صبح جي مهل هو ظلم وَ ستم جا آواز ٻڌي، ۽ منجھند جي مهل جنگ جا نعرا.
”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،