Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هو اوهان کي ٻڌائيندا تہ ’موآب خوار خراب ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ناس ڪيو ويو آهي. سو اسان سان گڏ روئو رڙو. اوهين موآب جي سرحد واري برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي هلندي پڙهو گھمايو تہ موآب برباد ڪيو ويو آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:20
10 Iomraidhean Croise  

بيشڪ موآب جي سڄي ملڪ ۾ رڙيون پئجي ويون آهن، ايتري قدر جو سندن واءِ‌ويلا جو آواز اِجلائم توڙي بيرايليم شهرن تائين پڻ ٻڌڻ ۾ پيو اچي.


کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


انهيءَ جي پکيڙ هي آهي: عروعير شهر، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ويندي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت جيڪو ديبون تائين آهي


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگھي ادوم ۽ موآب ملڪن کان وڪڙ ڪري موآب ملڪ جي اوڀر طرف کان آيا ۽ برساتي نهر ارنون جي هُنَ ڀر اچي تنبو هنيائون. جيئن تہ ارنون جي برساتي نهر موآب ملڪ جي سرحد هئي، تنهنڪري هو اها پار ڪري موآب ملڪ ۾ نہ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan