يرمياہ 48:2 - Muslim Sindhi Bible2 موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا. Faic an caibideilSindhi Bible2 موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي. Faic an caibideil |
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.