Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اي عروعير شهر جا رهاڪؤ! رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڦيرايو. موآب ملڪ کان ڀڄي نڪرندڙ هر مرد ۽ عورت کان پڇو تہ ’ڇا ٿيو آهي؟‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 اي عروعير جا رهاڪو، رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڪر: ۽ جيڪو مرد ڀڄي، ۽ جيڪا زال بچي نڪري تنهن کان پڇ تہ ڇا ٿي گذريو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:19
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ انهن اردن درياءُ پار ڪري عروعير شهر جي ويجھو برساتي نهر جي وچ واري شهر جي ڏاکڻي طرف اچي خيما کوڙيا. اتان ٿيندا جد جي رستي يعزير ڏانهن ويا.


۽ بلع جيڪو عزز جو پٽ ۽ سمع جو پوٽو هو ۽ يوايل جي گھراڻي مان هو. هي گھراڻو عروعير شهر ۽ اتر طرف ۾ نبو جبل ۽ بعل‌معون تائين رهندو هو.


پوءِ جد قبيلي وارن اتي ڪوٽن وارا هي شهر وري تعمير ڪيا: ديبون، عطارات، عروعير،


برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.


هڪڙو امورين جو بادشاهہ سيحون هو جيڪو حشبون ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو. سندس بادشاهي برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ انهيءَ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي ويندي برساتي نهر يبوق تائين هئي، جيڪا عمونين جي سرحد آهي. ان ۾ اڌ جِلعاد بہ شامل هو.


جڏهن تہ بني اسرائيل حشبون، عروعير ۽ انهن جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ برساتي نهر ارنون جي ڪناري وارن سڀني شهرن ۾ ٽي سؤ سالن کان رهيا پيا آهن، تڏهن ڇو ايتري عرصي ۾ اوهان انهن کان اهي موٽائي نہ ورتا آهن؟


”آءٌ جنگ مان بچي اڄ ئي لشڪر مان ڀڄندو اچي هتي پهتو آهيان.“ عيليءَ پڇيس تہ ”منهنجا ٻچا! جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan