Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:16 - Muslim Sindhi Bible

16 موآب جو زوال اچي پهتو آهي، هائو، ان جي تباهي تمام تيزيءَ سان وڌندي پئي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:16
8 Iomraidhean Croise  

تان جو هڪڙو تير سندس جگر مان پار ٿي وڃي ٿو. هائو، اهو بي‌وقوف نوجوان بلڪل اهڙي پکيءَ وانگر آهي جيڪو اڏامندي سڌو وڃي دام ۾ ڦاسي ٿو، کيس ڪا خبر ئي نہ آهي تہ سندس جان کسجي ويندي.


انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿو رهان.“


تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘


تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan