يرمياہ 48:12 - Muslim Sindhi Bible12 پر ياد رکو، اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن، جڏهن آءٌ خداوند موآب ملڪ ڏانهن تباهي آڻيندڙ موڪليندس، جيڪي انهيءَ کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا. هائو، ڄڻ تہ انهيءَ مئي کي هاري وهايو ويندو، ۽ ان جون صراحيون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. Faic an caibideilSindhi Bible12 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُن ڏي اُهي موڪليندس جي اوتڻ وارا آهن، ۽ اُهي هن کي اوتي وهائي ڇڏيندا، ۽ هن جا ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيندا، ۽ هنن جون صراحيون ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.