جڏهن بادشاهہ اتان اچي لنگھيو تہ انهيءَ نبيءَ سڏ ڪري چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو جنگ هلندي اتي ويو هو، تڏهن اُتي هڪڙو ماڻهو هڪڙي جنگي قيديءَ کي مون وٽ وٺي آيو ۽ چيائين تہ ’هن ماڻهوءَ کي قابو ڪر. جيڪڏهن ڪنهن بہ طرح هو غائب ٿي ويو تہ پوءِ هن جي جان جي بدلي ۾ تنهنجي جان ورتي ويندي، يا تو کي چانديءَ جا پنجٽيهہ ڪلوگرام ڀري ڏيڻا پوندا.‘