Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:1 - Muslim Sindhi Bible

1 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو. قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو، ۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:1
19 Iomraidhean Croise  

چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾


پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو موآب رکيائين. اڄڪلهہ جا جيڪي موآبي آهن هو انهن جو وڏو آهي.


هاڻي ڏس، عمون، موآب ۽ ادوم جا ماڻهو اسان تي چڙهائي ڪري آيا آهن. جڏهن اسان جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪري آيا تڏهن تون هنن کي سندن ملڪن منجھان گذرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اسان جا ابا ڏاڏا سندن ملڪن جي ٻاهران ئي ڦري ويا ۽ کين ناس نہ ڪيائون.


بيشڪ خداوند هن جبل صيئون جي حفاظت ڪندو رهندو. مگر موآب جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙي ناس ڪيا ويندا، جيئن سڪل گاهہ لتاڙجي ڇيڻي سان ملي ويندو آهي.


هو موآب جي مضبوط قلعن وارين ڀتين کي ڊاهي ڇڏيندو، هائو، هو انهن کي ڌرتيءَ تي ڪيرائي مٽيءَ سان گڏ مٽي ڪري ڇڏيندو.


آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.


ادوم ۽ موآب ملڪن جا ماڻهو، بني عمون،


تنهن کان پوءِ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ آيا آهن تن کي چئُہ تہ هو پنهنجي آقائن يعني ادوم، موآب، عمون، صور ۽ صيدا جي بادشاهن کي وڃي


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي،


هو اتان روانا ٿيا ۽ نبو جبل جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي منزل ڪيائون.


قريتائم، سبماہ ۽ ضرت‌السحر جيڪو ماٿريءَ ۾ ٽڪر تي آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan