Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 47:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي، جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي، ۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي، خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا، ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 47:3
14 Iomraidhean Croise  

انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.


سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.


ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“


اهي جنگي گھوڙي گاڏين ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏين سان هڪڙو وڏو لشڪر وٺي اتر کان تو تي حملو ڪرڻ ايندا. اهي ڍال ۽ سپر سوڌو جنگي ٽوپ پايو تنهنجو اچي گھيرو ڪندا. آءٌ تو کي هنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس جيڪي تو کي پنهنجي پنهنجي قانونن موجب سزا ڏيندا.


هنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ڇوهہ مان رستن تي ڊوڙن ٿيون، چونڪن وٽان هيڏانهن هوڏانهن اچن وڃن ٿيون. اهي گاڏيون ڏسڻ ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر آهن، ۽ وڄ وانگر چمڪن ٿيون.


نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.


انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.


ڇوجو دشمنن جي لشڪر جا گھوڙا ڀڳا ٿا وڃن، هائو، سندن گھوڙن جي تيز ڊوڙڻ جو دٻڪو پيو ٻڌجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan