Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 47:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 47:2
32 Iomraidhean Croise  

ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


توڙي جو آءٌ بکايل هجان ها تہ بہ اوهان کي ڪين ٻڌايان ها، ڇاڪاڻ تہ هيءَ دنيا توڙي منجھس جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ منهنجو ئي آهي.


ڀلي آسمان خوشيون ڪن ۽ زمين بہ ڀل سرهي ٿئي، ڀلي سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود هر ڪا مخلوق گجگوڙ ڪري.


اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ خوشيءَ وچان گجگوڙ ڪريو. اي ڌرتي! تون ۽ تو ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ سندس نعرا هڻو.


اي فلستي شهرن جا دروازؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، اي فلستي شهرؤ! اوهين رڙيون ڪريو. هائو، اي فلستيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين ڊڄو ۽ ڏڪو، ڇاڪاڻ تہ اتر طرف کان هڪڙو لشڪر مٽيءَ جو طوفان اٿاريندو ايندو، انهن جي صفن ۾ ڪوبہ پٺتي هٽڻ وارو نہ هوندو.“


بيشڪ موآب جي سڄي ملڪ ۾ رڙيون پئجي ويون آهن، ايتري قدر جو سندن واءِ‌ويلا جو آواز اِجلائم توڙي بيرايليم شهرن تائين پڻ ٻڌڻ ۾ پيو اچي.


هي پيغام رويا واري واديءَ بابت آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ اوهين سڀ پنهنجي گھرن جي ڇتين تي ڇو خوشيون پيا ملهايو؟


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي.


قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي، ۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي. اي مصر وارؤ! اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.


هي آهي اهو پيغام جيڪو خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ڪيئن اچي مصر ملڪ کي شڪست ڏيندو.


مصر هڪڙي ڏاڍي سهڻي گابيءَ مثل آهي، پر اتر مان هڪڙي ڏنگيندڙ مک مٿس حملو ڪرڻ لاءِ اچي ٿي.


مصر وارا خوار خراب ڪيا ويندا، اهي اتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آہ! اهو ڪيئن نہ ڀڃي ڀورا ڪيو ويندو! موآب وارا ڪيئن نہ واءِ‌ويلا ڪري روئندا. آہ! موآب ڪيئن نہ خوار خراب ڪيو ويندو! موآب تي اهڙي تہ ڀيانڪ بربادي اچي ڪڙڪندي، جو سندس سڀيئي آس‌پاس واريون قومون مٿس کِلَ ٺٺوليون ڪنديون. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“


هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون ئي آهن.“


پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو.


هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.


پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan