يرمياہ 46:6 - Muslim Sindhi Bible6 جيڪي ڀڄڻ ۾ تکا آهن سي ڀڄڻ کان قاصر آهن، بهادر بہ بچي نڪرڻ جي سگھہ کان محروم آهن. اتر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو ٿاٻڙبا ڪرندا ٿا وڃن. Faic an caibideilSindhi Bible6 جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن. Faic an caibideil |
هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.