Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:5
19 Iomraidhean Croise  

ٻاهر پهچڻ کان پوءِ ملائڪن مان هڪڙي چيس تہ ”پنهنجي جان بچائي ڀڄ، پٺتي اصل نہ نهارجانءِ ۽ نہ ئي وري هن ميدان ۾ ترسجانءِ. هنن جبلن ڏانهن ڀڄي وڃ تہ جيئن مرڻ کان بچي وڃين.“


هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.


جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.


پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بي‌عزت ٿيندا.“


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟ ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟ خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘


مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ لٽي ڦري وٺ، سندن سڀني تنبن جا پردا، سڀ اٺ ۽ سندن سمورو سامان پنهنجي لاءِ کڻ. تون اعلان ڪرائي کين ڊيڄار تہ ’هر طرف خطرو ئي خطرو آهي.‘


ٻڌو، آءٌ خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ آءٌ اوهان جي چئني طرفن کان اوهان تي دهشت آڻيندس. اوهان سڀني کي هڪ هڪ ڪري هڪالي ڪڍيو ويندو، ۽ اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اوهان کي وري آڻي گڏ ڪري.


اسين شهر کان ٻاهر وڃي نہ ٿا سگھون، نڪي رستن تي نڪري ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تہ دشمنن جي تلوار ۽ خوف اسان کي هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو آهي.“


جڏهن آءٌ انهن جي آڏو تو تي پنهنجي تلوار چمڪائيندس، تڏهن گھڻيون ئي قومون تو تي حيران ٿي وينديون، بلڪ سندن بادشاهن جي بہ لونءَ ڪانڊارجي ويندي. هائو، اهي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن تي هر گھڙيءَ پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا، متان انهن کي بہ نہ قتل ڪيو وڃي.


اهي سپاهين جي لاشن کي کائيندا ۽ دنيا جي حڪمرانن جو رت پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني کي ڪُٺو ويندو جيڪي بسن علائقي جي ٿلهين متارين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر آهن.


نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.


چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو، دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“


خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan