Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:4 - Muslim Sindhi Bible

4 گھوڙن تي سنج وجھي مٿن سوار ٿيو. پنهنجا لوها ٽوپ پائي جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيهو. پنهنجن نيزن کي تيز ڪريو ۽ زرهون پائي ڇڏيو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 اي گهوڙيسوارو گهوڙن تي سنج وجهو، ۽ اُٿو ۽ پنهنجا جنگي ٽوپ ڍڪي نڪري بيهو؛ نيزن کي ملي صاف ڪريو، زرهون ڍڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:4
11 Iomraidhean Croise  

عُزياہ سڄي لشڪر کي ڍالون، نيزا، سپرون، زرهون، تيرڪمان ۽ کانڀاڻين ۾ هڻڻ لاءِ پٿر جا گولا موجود ڪري ڏنا هئا.


انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجا اڌ ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جڏهن تہ ٻيا اڌ ماڻهو نيزا، ڍالون، تيرڪمان کنيو ۽ زرهون پايو بيٺا هوندا هئا ۽ جن ڀتين تي ڪم پئي ڪيو تن جي نگراني ڪندڙ سندن همت‌افزائي ڪرڻ لاءِ بيٺا هوندا هئا. جن سامان پئي ڍوئيو، تن هڪڙي هٿ سان ڪم پئي ڪيو ۽ ٻئي هٿ ۾ پنهنجو هٿيار ٿي کنيو.


اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


اي تباهي مچائيندڙ لشڪرؤ! اوهين بابل جي تيراندازن کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيو، جو اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪي سگھن، يا وري هٿيار ٻڌي اُٿي سگھن. اوهين ان جي جنگي جوڌن کي جيئرو نہ ڇڏيو، بلڪ انهن جو سڄو لشڪر بلڪل ناس ڪري ڇڏيو.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


خداوند جي طرفان قومن منجھہ هي اعلان ڪرايو وڃي تہ ”جنگ جي تياري ڪري پنهنجي بهادرن کي آڻي گڏ ڪريو. هائو، سڀني جنگي جوڌن جون جنگ لاءِ صفون ٻڌايو، ۽ کين حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو.


پوءِ سائول پنهنجي پوشاڪ دائود کي پهرائي ۽ پتل جو ٽوپ سندس مٿي تي رکيائين ۽ زرهہ بہ ڍڪيائينس.


سندس مٿي تي پتل جو هڪڙو ٽوپ هو ۽ جسم تي پتل جي زرهہ پيل هئس جنهن جو وزن اٽڪل ستونجاهہ ڪلوگرام هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan