3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”مصر جا سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڪن تہ ’پنهنجيون ڍالون تيار ڪريو ۽ جنگ لاءِ نڪري هلو.
3 اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو.
مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آسپاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.
خداوند جي طرفان قومن منجھہ هي اعلان ڪرايو وڃي تہ ”جنگ جي تياري ڪري پنهنجي بهادرن کي آڻي گڏ ڪريو. هائو، سڀني جنگي جوڌن جون جنگ لاءِ صفون ٻڌايو، ۽ کين حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو.
اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر، ۽ رستي ڏانهن نظر رک، تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ، ۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر. مگر تون بچي نہ سگھندين، ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.
ڀلي دشمنن جي گھيري جي وقت پنهنجي لاءِ پاڻي ڪٺو ڪر. ڀلي مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرون ٺاهڻ لاءِ ڪالب تيار ڪر، تہ جيئن تنهنجا قلعا مضبوط ٿين.