Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:26 - Muslim Sindhi Bible

26 آءٌ انهن کي سندن جاني دشمنن، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر وارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. پر بعد ۾ مصر ملڪ وري آباد ٿي ويندو جيئن اهو قديم زماني ۾ هوندو هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ آءٌ هنن کي سندن جانين جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾، ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾، ۽ سندس نوڪرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو وري وسندو جيئن قديم زماني ۾ هوندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:26
7 Iomraidhean Croise  

آءٌ مصرين کي هڪڙي جابر ۽ ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. جيڪو مٿن حڪمراني ڪندو. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي مصر جا بادشاهہ! هن پيغام جو مطلب سمجھي وٺ. آءٌ خداوند خدا بابل جي بادشاهہ کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan