يرمياہ 46:25 - Muslim Sindhi Bible25 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ نوآمون نالي شهر واري معبود آمون کي توڙي فرعون، مصر وارن، سندن معبودن، سندن اتحادي بادشاهن ۽ جيڪي فرعون تي ڀاڙين ٿا تن سڀني کي سزا ڏيندس. Faic an caibideilSindhi Bible25 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن. Faic an caibideil |
جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.