Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:22 - Muslim Sindhi Bible

22 مصر وارا ائين ٿا ڀڄن، جيئن ڪو ڀڄندڙ نانگ سرڙاٽ ڪندو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ دشمن لشڪر هنن ڏانهن وڌندا ٿا اچن، هائو، اهي ڪاٺيرن وانگر ڪهاڙا کڻي مٿن ڪاهيو ٿا اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:22
13 Iomraidhean Croise  

اهي دشمن بلڪل انهن ماڻهن جهڙا ٿي لڳا، جيڪي ٻيلي منجھہ ڪهاڙن سان وڻ ٿا وڍين.


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘


بيشڪ، يروشلم کي پست ڪيو ويندو، ۽ هيٺان پاتال مان ڍري آواز سان اهو مدد لاءِ پڪاريندو. هائو، انهيءَ جو آواز مئل ماڻهوءَ جي روح جي آواز وانگر جھيڻو هوندو، جيڪو زمين جي اندران کان ٻڌڻ ۾ ايندو، بلڪ انهيءَ جو آواز مٽيءَ مان آيل ڀڻڪي وانگر هوندو.


تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بي‌شمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.


مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


هو کين ائين وڍي اڇلائين ٿا، جيئن ٻيلي ۾ واڍي وڌي ويندي آهي، پوءِ اهو ٻيلو ڪيترو بہ گھاٽو ڇو نہ هجي. اهي دشمن مڪڙن جي ڪٽڪن کان بہ گھڻا آهن، بلڪ بي‌شمار آهن.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون، ۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون. شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.


اي صنوبر جا وڻ! تون بہ پنهنجو منهن مٿو پٽ، ڇو تہ ديال جا ٺاهوڪا وڻ تباهہ ٿي ويا آهن، ۽ وڏي شان وارن جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي. هائو، اي بسن وارا شاهہ‌بلوط جا وڻ! تون بہ واءِ‌ويلا ڪر، ڇو تہ گھاٽا ٻيلا پٽ پڌر ٿي ويا آهن.


سو کين جيئرو رهڻ ڏيو، پر هو سڄيءَ قوم لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪي ٿي رهندا.“ اهڙيءَ طرح اڳواڻن جي قسم جو ڀرم رکيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan