Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:21 - Muslim Sindhi Bible

21 مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:21
25 Iomraidhean Croise  

جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر گھوڙي گاڏين سميت هڪ وڏي لشڪر جي اچڻ جو آواز ٻڌو هو ۽ سمجھيو هئائون تہ ”حتين ۽ مصرين جي بادشاهن کي اسرائيل جي بادشاهہ ڀاڙي ڪيو آهي تہ اسان سان اچي وڙهن.“


پر ڌڻي انهن بدڪار ماڻهن تي کلي ٿو، ڇوجو هو ڄاڻي ٿو تہ سندن وقت اچي پورو ٿيو آهي.


ڪلفت وارن قوفتن کان، سڪ واري سبزي ڀلي.


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“


سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“


مصر وارا ائين ٿا ڀڄن، جيئن ڪو ڀڄندڙ نانگ سرڙاٽ ڪندو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ دشمن لشڪر هنن ڏانهن وڌندا ٿا اچن، هائو، اهي ڪاٺيرن وانگر ڪهاڙا کڻي مٿن ڪاهيو ٿا اچن.


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“


جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا، ۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا. انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


اي ددان شهر جا رهاڪؤ! موٽو، ڀڄي وڃي غارن ۾ لڪو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان عيسوءَ جي اولاد کي ناس ڪرڻ وارو آهيان، هائو، اوهان کي سزا ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا رهاڪؤ! اوهين ڏاڍا سرها ۽ خوش ٿا ٿيو، اي منهنجي قوم کي لٽڻ وارؤ! اوهين اَنُ لتاڙيندڙ گابن وانگر ٽپا ٿا ڏيو. اوهين متل گھوڙن وانگر هڻڪار ٿا ڪريو.


ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو. ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“


سو هاڻي آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ جي خلاف آهيان. آءٌ سندس ٻيئي ٻانهون، يعني جيڪا سڄي اٿس سا بہ ۽ جيڪا اڳي ئي ڀڳل اٿس، تنهن کي بہ وري ڀڃي ڇڏيندس. آءٌ سندس هٿ مان تلوار ڪيرائي وجھندس تہ جيئن هو اڳتي جنگ ڪرڻ جي لائق نہ رهي.


اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


اوهان کي منهنجي قوم جي مصيبت مان ڪجھہ حاصل ڪرڻ لاءِ سندن شهر اندر داخل ٿيڻ نہ گھربو هو، نڪي اتي سندن ڏکيءَ مهل ڏسي مٿن کلڻ گھربو هو، ۽ نہ وري سندن مال ملڪيت ڏانهن هٿ وڌائڻ گھربو هو.


بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا، سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن. انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو، جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.


تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلها متارا ڍڳا ۽ وهڙا ذبح ڪرايا آهن ۽ ماني تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو دعوت کائڻ لاءِ هليا اچو.‘


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan