يرمياہ 46:2 - Muslim Sindhi Bible2 جنهن جي شروعات مصر جي باري ۾ ٿئي ٿي. هائو، اهو مصر جي نڪوہ نالي فرعون جي لشڪر جي باري ۾ آهي، جنهن کي ڪرڪميس شهر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني هئي. اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال ٿيو. Faic an caibideilSindhi Bible2 مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.