يرمياہ 46:19 - Muslim Sindhi Bible19 سو اي مصر جا رهاڪؤ! قيد ٿي جلاوطن ٿيڻ لاءِ پنهنجا هنڌ ٽپڙ ٻڌي رکو، ڇاڪاڻ تہ نوف شهر ويران ٿيندو، ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو. Faic an caibideilSindhi Bible19 اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو. Faic an caibideil |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.