Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ڇو توهان جو حف نالي معبود هيٺ ڪري پيو آهي؟ ڇو توهان جو اهو زورآور بيهي ڪونہ سگھيو آهي؟ خداوند کيس چماٽ هڻي هيٺ ڪيرايو آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:15
12 Iomraidhean Croise  

هن پنهنجا تير هلائي منهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪيو، هائو، هن وڄ مٿان وڄ جو چمڪو موڪلي کين شڪست ڏني.


تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


شال خدا اُٿي کڙو ٿئي، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏي! جيڪي کانئس نفرت ٿا رکن، سي شل شڪست کائي سندس اڳيان ڀڄي وڃن!


جيئن دونهون اُڏامي وڃي ٿو تيئن شل هو کين اُڏائي ڇڏي! خدا آڏو بڇڙا شل ائين فنا ٿين جيئن ميڻ باهہ تي رجي وڃي ٿي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هاڻي تون ڏسجانءِ تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان. آءٌ ساڻس زبردستي ڪندس، تڏهن هو منهنجي قوم کي وڃڻ ڏيندو ۽ زبردستيءَ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ڇڏيندو.“


مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. هائو، اوهين انهن قومن کي سندن ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan