Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:14
23 Iomraidhean Croise  

تڏهن ابنير يوآب کي سڏي چيو تہ ”ڇا تلوار هميشہ تائين پيئي ڪُهندي رهي؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو انجام تلخي ئي نڪرندو؟ پوءِ ڪيستائين تون ماڻهن کي منع نہ ڪندين تہ هو پنهنجن ڀائرن جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏين؟“


”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي پٺتي موٽي مجدال ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تي في‌هخيروت وٽ بعل‌صفون جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي منزل ڪن.


پر جيڪڏهن اوهين نافرمان ۽ باغي ٿيندا، تہ پوءِ اوهان جي دشمنن جي تلوار اوهان کي ڳڙڪائي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ضُعن شهر جا اڳواڻ بي‌وقوف ٿي پيا آهن، نوف شهر جا شاهي عملدار ٺڳجي ويا آهن. هائو، جن تي مصري قبيلن کي ڀروسو هو، تن ئي کين گمراهہ ڪيو آهي.


تڏهن اشوري جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، پر انساني طاقت سان نہ. هائو، اهي لڙائيءَ ۾ ماڻهن جي هٿان نہ ماريا ويندا. هو جنگ کان ڀڄندا رهندا، پر سندن نوجوانن کي پڪڙي غلام بڻايو ويندو.


مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


هائو، بني نوف ۽ بني تحفنيس بني اسرائيل قوم جي کوپڙي ڏاري وڌي آهي.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


سو اي مصر جا رهاڪؤ! قيد ٿي جلاوطن ٿيڻ لاءِ پنهنجا هنڌ ٽپڙ ٻڌي رکو، ڇاڪاڻ تہ نوف شهر ويران ٿيندو، ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.


جنهن جي شروعات مصر جي باري ۾ ٿئي ٿي. هائو، اهو مصر جي نڪوہ نالي فرعون جي لشڪر جي باري ۾ آهي، جنهن کي ڪرڪميس شهر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني هئي. اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال ٿيو.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.


اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“


آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan