Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هي آهي اهو پيغام جيڪو خداوند مون يرمياہ کي ٻڌايو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ڪيئن اچي مصر ملڪ کي شڪست ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:13
6 Iomraidhean Croise  

سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan