Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 46:12 - Muslim Sindhi Bible

12 قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي، ۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي. اي مصر وارؤ! اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 قومن تنهنجي خواريءَ جو ذڪر پڌرو ڪيو آهي ۽ زمين تنهنجي دانهن سان ڀرجي ويئي آهي: ڇالاءِ جو هڪڙو بهادر مرد ٻئي بهادر مرد تي آٿڙجي پيو آهي، ۽ ٻئي گڏ ڪِري پيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 46:12
17 Iomraidhean Croise  

ياد رکو، اوهين لڙائيءَ ۾ قتل ڪيا ويندا، ۽ اوهان مان جيڪي بچي ويندا، سي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيا ويندا. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


مئي نہ ملڻ جي ڪري ماڻهو گھٽين ۾ رڙندا وتندا. خوشيون هميشہ جي لاءِ موڪلائي وينديون، ۽ سرهائي ڌرتيءَ تان ئي گم ٿي ويندي.


”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.


تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين! جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.


جيڪي ڀڄڻ ۾ تکا آهن سي ڀڄڻ کان قاصر آهن، بهادر بہ بچي نڪرڻ جي سگھہ کان محروم آهن. اتر ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو ٿاٻڙبا ڪرندا ٿا وڃن.


”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


ادوم جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز ڳاڙهي سمنڊ تائين ٻڌو ويندو.


بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل شهر مان دانهن جو، بلڪ سڄي بابل ملڪ مان وڏي تباهيءَ جو آواز ٿو ٻڌجي،


لشڪر جا چونڊ سالار حملي ڪرڻ لاءِ سڏايا وڃن ٿا، اهي جوش وچان ڪاهيندي ٿاٻڙجيو ٿا پون. اهي جلدي جلدي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪوٽ جي لڳولڳ دِڪا ٺاهين ٿا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


شهر وارا سڀيئي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. جيڪي اڃا بچيل هئا تن جون دانهون آسمان تائين ٿي پهتيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan