يرمياہ 46:10 - Muslim Sindhi Bible10 اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو. Faic an caibideilSindhi Bible10 ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي. Faic an caibideil |