2 ”اي باروڪ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا تو لاءِ هڪڙو پيغام ڏنو آهي.
2 خداوند، اسرائيل جو خدا توکي هيئن ٿو فرمائي، تہ اي باروڪ:
بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جڏهن مون باروڪ ولد نيرياہ کي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ خداوند جو پيغام لکرايو، تڏهن مون يرمياہ کيس هي چيو تہ
جيئن تہ تون چوين ٿو تہ ’مون سان ويل آهي. خداوند منهنجي درد کي وڌايو آهي. آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ۽ آرام ڪونہ ٿو مليم،‘
پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت عيسيٰ جي ٻين شاگردن کي چئو تہ ’عيسيٰ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“
هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.
پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.
هاڻ جيئن تہ عيسيٰ مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.
اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بيگناهہ رهيو.