Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هاڻ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ ڇو اوهين پنهنجين جانين تي هيءَ وڏي مصيبت ٿا آڻيو، جنهن سبب اوهين مرد، عورتون، ٻار ۽ کير پياڪ ناس ٿي وڃو ۽ اوهان يهوداہ وارن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:7
28 Iomraidhean Croise  

پر اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ٻين جي خون ڪرڻ لاءِ لڪي ٿا ويهن، سي پاڻ ڪن ٻين جو شڪار ٿيو ٿا وڃن.


تربيت کان منهن موڙڻ وارو پنهنجي جان جو دشمن آهي، مگر تنبيهہ تي ڌيان ڏيڻ وارو سمجھہ حاصل ڪري ٿو.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘


پر خداوند جو فرمان آهي تہ اوهان ڏانهس ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، اٽلندو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪري سندس ڪاوڙ کي ڀڙڪايو اٿوَ ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان رسايو اٿوَ.


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ مڃيندين تہ پوءِ تو کي جيئدان ملندو ۽ تون ۽ تنهنجو خاندان جيئرا رهندءُ. تڏهن هن شهر کي بہ نہ ساڙيو ويندو.


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


تنهنجي ذريعي مون مردن ۽ عورتن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون پوڙهن توڙي جوانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، تنهنجي ذريعي مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بي‌هوش پيا آهن.


اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.


توهان گھڻين ئي قومن خلاف منصوبا رٿيا آهن، جن سببان توهان پنهنجن گھرن کي لڄايو آهي، ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو اٿوَ.


اهي تڏهن پاڪ ٿيا هئا جڏهن مون خداوند جي آڏو پيش ڪيا ويا هئا. سو اهي گنهگار جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، تن جي لوبان‌دانن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيو. اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي هڪڙي نشاني ٿيندي.“


ٻاهر هو جنگين ۾ ماريا ويندا، ۽ چوديواريءَ اندر دهشت وچان مرندا، ڇا جوان ڇا ڪنواريون، ڇا کير پياڪ ڇا پوڙها. اهڙيءَ طرح آءٌ سڀني کي برباد ڪري ڇڏيندس.


هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.


اوهين هيئن ڪجو جو سڀني مردن ۽ پرڻيل عورتن کي ماري ڇڏجو پر ڪنوارين کي نہ مارجو.“


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


ڪاهنن جي شهر نوب جي رهاڪن کي مردن توڙي عورتن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي سندن ڍورن ڍڳن سميت سائول تلوار جي ڌار سان قتل ڪرائي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan