Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:4 - Muslim Sindhi Bible

4 مون بار بار پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن پئي موڪليا جن اوهان کي ٻڌايو تہ ’اهو ڪراهت جهڙو ڪم نہ ڪريو جنهن کان خداوند کي نفرت آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:4
24 Iomraidhean Croise  

سو خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجي پيغمبرن جي معرفت هنن ڏانهن وقت بوقت پيغام موڪليا، ڇاڪاڻ تہ هن کي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي گھر تي رحم آيو.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


اسان جي بادشاهن، اسان جي اميرن، اسان جي ڪاهنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو. هائو، هنن نہ تنهنجي حڪمن کي مڃيو، نڪي تنهنجي طرفان مليل نصيحتن تي ئي ڪو ڌيان ڏنائون.


ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بي‌جان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.


تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


جنهن ڏينهن اوهان جا ابا ڏاڏا مصر ملڪ مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، هميشہ بروقت مون پنهنجا ٻانها نبي اوهان ڏانهن موڪليا آهن.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ تون پنهنجي آس‌پاس وارن يارن پٺيان وڃي ڪپڙا لاهي هڪڙي ڪڃريءَ وانگر ساڻن زناڪاري ڪرڻ لاءِ آتي آهين. تو پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجيءَ ئي اولاد کي انهن جي آڏو قربان ڪري سندن رت وهايو اٿيئي.


تون نہ رڳو انهن جي راهہ تي هلي آهين ۽ نہ فقط انهن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، بلڪ تو تہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪري کانئن گوءِ کڻي ويئي آهين.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


اسان تنهنجي بندن يعني انهن نبين جي ڳالهہ نہ مڃي آهي، جن اسان جي بادشاهن، اسان جي سردارن، اسان جي ابن ڏاڏن توڙي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي تنهنجو فرمان ٻڌايو.


سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan