Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:30
11 Iomraidhean Croise  

سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


آءٌ خداوند اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس. اوهان لاءِ هيءَ هڪ نشاني هوندي تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي ڇيهو رسائڻ واريون منهنجيون آگاهيون ضرور پوريون ٿينديون.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مون مصر جي بادشاهہ فرعون کي شڪست ڏني آهي. هائو، مون هن جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي. ڏس، هاڻي ڪوبہ ناهي جيڪو سندس ٻانهن کي جوڙي ملم پٽي ڪري ۽ پٽيون ٻڌيس، تہ جيئن اها وري تلوار جھلڻ جهڙي طاقت وٺي.


سو اي مصر جا بادشاهہ! اهي سڀ ڳالهيون تو سان ۽ تنهنجي ماڻهن سان ٿينديون. تون ڪنهن وقت باغِ عدن جي سڀني وڻن کان وڌيڪ بلند ۽ مضبوط وڻ هئين، پر هاڻي تون عدن جي باغ وارن وڻن سان گڏ پاتال ۾ لاٿو ويندين. هائو، تون اڻ‌طهريلن ۽ تلوار سان ماريلن سان گڏ وڃي پوندين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan