Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنجو سبب هيءُ آهي تہ هنن جي شرارت مون کي ڪاوڙ ڏياري، جو هنن وڃي ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيا ۽ انهن جي عبادت ڪيائون، جنهن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، يعني نہ اوهان نہ اوهان جي ابن ڏاڏن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:3
30 Iomraidhean Croise  

جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


بيشڪ يروشلم جا حالات خراب ٿي ويا آهن، بلڪ سڄو يهوداہ سخت بدحاليءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اتي جي رهاڪن جو ڳالهائڻ، ۽ سندن چال چلت خداوند جي خلاف آهي. هائو، هنن عظمت واري خداوند کان بغاوت ڪئي آهي.


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘


پاڻ ئي وري جواب ڏيندا تہ ’انهيءَ ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد وساري ڇڏيو آهي ۽ غير معبودن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيو اٿائون.‘“


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي،


سو جيئن تہ اوهان غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪري خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ هن جي فرمانبرداي نہ ڪئي اٿوَ ۽ نہ وري سندن شريعت ۽ قاعدن قانونن تي هليا آهيو، تنهنڪري هيءَ سڄي مصيبت اوهان تي آئي آهي، جيئن هاڻ اوهين ڀوڳيو ٿا.“


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“


انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ خداوند کين سزا ڏيندس، آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو وٺندس.


پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا.


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.


جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،


تنهن تي ماڻهو وراڻيندا تہ ’انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد کي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هن کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ وقت ساڻن ٻڌو هو.


هنن وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن کي هو نہ ڄاڻيندا هئا، نڪي وري خداوند کين اهي ڏنا هئا.


هنن ڀوتن لاءِ قربانيون ڪيون جيڪي حقيقي معبود ڪين هئا، هائو، اهڙن ديوتائن لاءِ جن کان هو واقف ئي نہ هئا. اهي اهڙا نوان نوان ديوتا هئا جيڪي هاڻ اچي ظاهر ٿيا هئا، جن جي سندن ابن ڏاڏن بہ ڪڏهن تعظيم نہ ڪئي هئي.


ڀلا اهي ڪير هئا جن خدا جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan