Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:29 - Muslim Sindhi Bible

29 آءٌ خداوند اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس. اوهان لاءِ هيءَ هڪ نشاني هوندي تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي ڇيهو رسائڻ واريون منهنجيون آگاهيون ضرور پوريون ٿينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:29
14 Iomraidhean Croise  

ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


پر سياڻو تہ رڳو خداوند آهي. هو پنهنجو قول ضرور پورو ڪندو آهي. سو هو بدڪارن تي مصيبت آڻيندو، ۽ سندن حمايت ڪندڙن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندو.


هائو، گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪومائجي وڃي ٿو، پر اسان جي خدا جو فرمان ابد تائين قائم رهندو.“


”مون خداوند پنهنجي خدا کان منهنجي واعدي جي سچائيءَ جي ڪا نشاني گھُر، پوءِ اها هيٺ پاتال ۾ هجي يا مٿي عرش عظيم تي.“


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan