Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پر اي مصر ۾ رهندڙ سڀ يهوداہ وارؤ! مون خداوند جو هي فرمان ٻڌي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي عظيم نالي جو قسم کڻي چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ اوهان جو ڪوبہ ماڻهو پنهنجي واتان اڳتي وري منهنجو نالو وٺي هيئن نہ چوندو تہ ”خداوند جيئري خدا جو قسم آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:26
28 Iomraidhean Croise  

”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو.


پر خدا بدڪار ماڻهن کي هيئن ٿو فرمائي تہ ”اوهان کي ڪهڙو حق آهي جو منهنجا قانون ٿا بيان ڪريو؟ اوهين منهنجي عهد کي پنهنجي زبان تي ڇو ٿا آڻيو؟


آءٌ دائود سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس. هائو، پنهنجي ڪيل واعدن مان آءٌ هڪڙي تان بہ نہ ڦرندس.


خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي تہ ”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس، نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس، جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.


پر جيڪڏهن اوهان انهن حڪمن کي نہ مڃيندا تہ پوءِ آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هي محل ويران ٿي ويندو.“


پر يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ، سندس عملدار ۽ يروشلم ۾ باقي بچي ويل ماڻهو، پوءِ اهي هن ئي ملڪ ۾ يا مصر ۾ رهندا هجن، تن کي آءٌ خداوند انهن خراب انجيرن وانگر ٿو سمجھان، جيڪي کائڻ جي لائق ناهن.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون اوهان تي مصيبت آڻڻ ۽ سڄي يهوداہ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.


اوهان مان ڪوبہ نہ بچندو جيڪو مصر کان موٽي اچي يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي، جتي رهڻ جا اوهين خواهشمند آهيو. اوهان ڀاڄوڪڙن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽندو.“


پوءِ مون انهن سڀني کي، خاص طور عورتن کي چيو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي مصر ملڪ ۾ ٿا رهو، سي سڀ خداوند جو هي فرمان ٻڌو.


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.


آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ ادوم جو گاديءَ وارو شهر بُصراہ برباد ٿيندو ۽ عبرت، ملامت، ويرانيءَ ۽ لعنت جو سبب بڻبو ۽ ان جي آس‌پاس وارا سڀيئي ڳوٺ هميشہ لاءِ ويران ٿي ويندا.“


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“


خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“


سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.


هاڻي انهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ آءٌ بہ اوهان سان اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي مون اوهان کي گھرندي ٻڌو آهي.


۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ خدا قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟


خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan