Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سو جيئن تہ اوهان غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪري خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ هن جي فرمانبرداي نہ ڪئي اٿوَ ۽ نہ وري سندن شريعت ۽ قاعدن قانونن تي هليا آهيو، تنهنڪري هيءَ سڄي مصيبت اوهان تي آئي آهي، جيئن هاڻ اوهين ڀوڳيو ٿا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو اوهان لوبان ساڙيو آهي، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ خداوند جو حڪم نہ مڃيو اٿوَ، ۽ نہ ان جي شريعت تي، ۽ نہ اُن جي قانونن تي، ۽ نہ اُن جي شاهدين تي هليا آهيو؛ تنهن ڪري هيءَ خرابي اوهان کي پهتي آهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:23
24 Iomraidhean Croise  

ماڻهو کين جواب ڏيندا تہ ’هن ڪري جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو. هنن غير معبودن جي اطاعت ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪري پوڄڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو خداوند هنن تي اها سموري مصيبت آندي آهي.‘“


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“


منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تنهنجي شريعت تي عمل نہ ٿا ڪن.


مون کي ستائيندڙ، جيڪي تنهنجي شريعت کان بہ پري آهن، سي بدخواهيءَ وچان منهنجي ويجھو پوندا ٿا وڃن.


بيشڪ بدڪار ماڻهن کي نہ بچايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي قاعدن قانونن جي طلب ئي نہ ٿا ڪن.


هنن بني اسرائيل سان خدا جي ٻڌل عهد کي قائم نہ رکيو، بلڪ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪاري ٿيا.


پوءِ بہ هنن سرڪشي ڪندي خدا تعاليٰ کي آزمايو، ۽ سندس حڪمن تي عمل نہ ڪيائون.


سو تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن ۽ نہ ئي منهنجي ڏنل شريعت تي هليا آهيو.


هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.


اڄ ڏينهن تائين اوهين نہ پشيمان ٿيا آهيو، نڪي منهنجي تعظيم ڪئي اٿوَ، نہ وري منهنجي شريعت ۽ منهنجي حڪمن تي هليا آهيو، جيڪي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن اڳيان رکيا هئا.


پر جڏهن کان اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽڻ ڇڏي ڏنيون آهن، تڏهن کان وٺي اسين هر شيءِ جا محتاج ٿي پيا آهيون ۽ جنگ ۽ ڏڪار سان ناس پيا ٿيون.“


”آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪا مصيبت مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن تي آندي آهي سا سڄي اوهان ڏٺي آهي. ڏسو، اڄ اهي شهر اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نہ ٿو رهي.


”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟


اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو.


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan