Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:22 - Muslim Sindhi Bible

22 هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:22
40 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين. خداوند وٽ هنن ماڻهن جي تمام گھڻي دانهن پهتي آهي، سو هن اسان کي سدوم شهر کي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.“


تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“


هنن سندس حڪمَ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو عهد برقرار نہ رکيائون جيڪو خداوند سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. هنن سندس تنبيهن تي بہ ڪو ڌيان نہ ڏنو، بلڪ ڪين جهڙن بتن جي پٺيان لڳي پاڻ بہ ڪين جهڙا ٿي پيا. سندن آس‌پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، حالانڪ خداوند کين تنبيهہ ڪندو رهيو تہ انهن جهڙا ڪم نہ ڪن.


تنهنڪري اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا يروشلم جي رهاڪن کي فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اوهان لاءِ، اي منهنجا مخالفؤ! آءٌ ضرور اوهان کان بدلو وٺندس. اوهين منهنجا دشمن آهيو، هاڻي اوهين مون کي وڌيڪ تڪليف ڏيئي نہ سگھندا.


اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي، تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي. سو حملو ڪندڙن جي ظلم، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان، هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.


”آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪا مصيبت مون يروشلم تي ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن تي آندي آهي سا سڄي اوهان ڏٺي آهي. ڏسو، اڄ اهي شهر اهڙا ويران آهن جو ڪوبہ ماڻهو انهن ۾ نہ ٿو رهي.


انهيءَ ڪري يروشلم جي گھٽين توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن تي منهنجو قهر ۽ غضب نازل ٿيو، سو مون انهن کي ويران دڙا بڻائي ڇڏيو، جيئن اهي اڄ آهن.


هاڻ ڀلي اوهين پنهنجي ملڪ موآب تي لوڻ ڇٽي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ان جا شهر اهڙا تہ ويران ٿي ويندا، جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


پوءِ غير قومن وارا ڄاڻي وٺندا تہ ڇا جي ڪري مون بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ کين سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هئم، جن مان ڪن کي جنگ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ڪن کي جلاوطن ڪيو ويو هو. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو بني اسرائيل نافرمان ٿي بدڪاري ڪئي ۽ منهنجي خلاف گناهہ ڪيا هئا.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


تو اسان جي خلاف ۽ اسان جي حاڪمن جي خلاف جيڪي بہ فرمايو هو، سو اسان تي هڪڙي وڏي آفت آڻڻ سان صحيح ثابت ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو سڄي جهان ۾ ٻيو ڪٿي بہ ڪين ٿيو آهي.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس، جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“


سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan