يرمياہ 44:21 - Muslim Sindhi Bible21 ”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟ Faic an caibideilSindhi Bible21 جيڪو لوبان يهوداہ جي شهرن ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ اوهان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن، اوهان جن بادشاهن، ۽ اوهان جن اميرن ۽ ملڪ جي ماڻهن ساڙيو، سو خداوند کي ياد نہ هو ڇا ۽ اُهو اُن جي دل ۾ نہ آيو ڇا؟ Faic an caibideil |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.