Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:12 - Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:12
18 Iomraidhean Croise  

پر سڀني بدڪارن ۽ گنهگارن کي ناس ڪيو ويندو، ۽ جن خداوند کي ڇڏي ڏنو سي نيست وَ نابود ڪيا ويندا.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


انهيءَ ڪري اوهين يهوداہ جا سڀ جلاوطن جيڪي بابل ۾ آهيو سي هيءَ لعنت مثال طور ڪم آڻيندا تہ ”شل خداوند تو کي صدقياہ ۽ اخي‌اب جهڙو ڪري، جن کي بابل جي بادشاهہ باهہ ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.“


تڏهن اتي لشڪر جا سڀ سالار ۽ يوحنان ولد قريح، عزرياہ ولد هوسعياہ ۽ ٻيا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو


سو هاڻي پڪ ڄاڻو تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جو ارادو رکو ٿا، اتي اوهين جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا.“


هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا.


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


۽ منهنجي قوم مون بابت ڄاڻ نہ رکڻ ڪري تباهہ وَ برباد ٿي ويندي. جيئن تہ اوهان ڪاهنن مون بابت ڄاڻ ڏيڻ کي ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي وساري ڇڏيندس، هاڻي اوهين منهنجا ڪاهن نہ رهندا. هائو، جيئن تہ اوهان مون پنهنجي خدا جي شريعت کي وساري ڇڏيو آهي، سو آءٌ بہ اوهان جي اولاد کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندس.


اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا، پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا، جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا. اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا، تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا. هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽي‌نپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan